سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 2

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 2

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون ٻيو

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون2 (ڪتاب): سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور ترقي پسند ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ترتيب ڏنو آهي. ابتدا ۾ هن انهن ماخذن جو ذڪر ڪيو آهي، جتان هي ڪهاڻيون کنيون ويون آهن. انهن ماخذن ۾ ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ (جلد پهريون، چوٿون، پنجون، ستون: مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ (ڪئپٽن جارج اسٽئڪ، گڏ ڪندڙ: مرليڌر جيٽلي)، ’اٻول راڻي‘ (لوڪ ڪهاڻين جو مجموعو: ڪيرت ٻاٻاڻي)، ’فوڪ ٽيلس آف پاڪستان‘ (لڇمڻ ڪومل)، ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ (نارائڻ ڀارتي)، ’قسمت ڪيئن جاڳي‘ (ڪهاڻين جو مجموعو: سورج شوِداساڻي)، ’ڪانءُ ۽ ناني‘ (ريٽا شاهاڻي)، ’ڪوئي آندي ڪنوار‘ (لوڪ ڪهاڻيون: جڳديش لڇاڻي)، ’احسان ڪنهن تي ڪجي (لوڪ ڪهاڻي: هوندراج ٻلواڻي)، ’ڊاک ۽ سرنگ‘ (لوڪ ڪهاڻي: پوپٽي هيراننداڻي)، ’سُٽ مان ڪپهه ڪريان‘ (لوڪ ڪهاڻي: سروج ڀارواڻي)- شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، لوڪ ڪهاڻين جي اهميت تي 18 صفحن جو تفصيلي مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ هن لوڪ ادب، زباني ادب ۽ لوڪ ڪهاڻين بابت تفصيلي ويچار ونڊيا آهن ۽ ڄاڻايو آهي ته لوڪ ڪهاڻين ۾ پنهنجي وقت جي سماج ۽ انسان جو مڪمل چتر ملي ٿو. ڪن ڪهاڻين جو ڪينواس ايڏو وڏو ٿئي، جو ان ۾ زندگيءَ جو وسيع چتر سمائي سگهجي ٿو. هن لوڪ ڪهاڻين جي سڀ کان آڳاٽي ڪتاب ’پنج تنتر‘ کان وٺي موجوده سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ جي پسمنظر تي سُٺي روشني وڌي آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته ڀارت ۾ ورهاڱي کانپوءِ لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جو سهرو نارائڻ ڀارتيءَ جي سر تي آهي. ڪجهه لوڪ ڪهاڻيون هن ڪتاب جي ليکڪ به گڏ ڪري ’اٻول راڻي‘ نالي ڪتاب ۾ شايع ڪيون آهن.
هن ڪتاب جي تياريءَ لاءِ 200 سڄاڻ ليکڪن کي خط لکيا ويا ۽ انهن وٽان مليل چڱين ڪهاڻين کي چونڊ ۾ شامل ڪيو ويو.
هن ڪتاب ۾ ڇٽيهه (36) لوڪ ڪهاڻيون شامل آهن. آخر ۾ مددي ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي آهي.
ڊيمي سائيز جي 250 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ساهتيه اڪادمي، نئين دهليءَ، 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو